حسان نيازي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان جي فوڪل پرسن حسن نيازي جي جسماني رمانڊ جي پوليس جي درخواست رد ڪري ڇڏي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ڀائيٽي حسان نيازي کي 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.حسان نيازي کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ مريد عباس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم به عدالت ۾ موجود هئي ۽ وڪيلن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. جاچ آفيسر طرفان حسان نيازي کي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي. جاچ آفيسر چيو ته جوابدار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، حسان نيازي وٽان هٿيار ۽ گاڏي هٿ ڪرڻي آهي. پوليس هٿيار هٿ نه ڪري سگهي آهي، جاچ آفيسر موجب جوابدار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، هٿيار ۽ گاڏي قبضي ۾ ناهي ته پوءِ حسان نيازي کي ڇو قبضي ۾ رکيو؟ وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پوليس 72 ڪلاڪن ۾ گاڏي ۽ ان جي مالڪ کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، حسان نيازي پيشه ور وڪيل آهي، گرفتاري واري ڏينهن 3 ضمانتون ورتيون، پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف رڳو سياسي بنيادن تي ڪيس هلي رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته هڪ وڪيل کي 3 ڏينهن حراست ۾ رکيو ويو ۽ پيغام ڏنو ويو ته کيس گرفتار ڪري تشدد ڪيو ويندو، اسلام آباد پوليس طرفان پروفيشنل وڪيل جي توهين ڪئي پئي وڃي.پي ٽي آءِ جي وڪيل علي بخاري حسن نيازي کي ڪيس مان ڇوٽ ڏيڻ جي درخواست ڪندي چيو ته حسن نيازي جي گرفتاري غير قانوني آهي.وڪيل قيصر امام چيو ته پوليس موجب جوابدار هٿيار کڻي ڀڄي ويا، هي ڪهڙي دوستي آهي؟ اسلام آباد بار ايسوسي ايشن جو صدر هئڻ ڪري مون کي ڏاڍي شرمندگي آهي.ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڊيوٽي مئجسٽريٽ مريد عباس حسن نيازي جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. بعد ۾ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حسن نيازي جي وڌيڪ جسماني رمانڊ تي پوليس جي درخواست رد ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو