حد دخلين خلاف ڪاروائي، دڪا ۽ ٿلها پٽ ڪيا ويا

شهدادڪوٽ(شاهد اعواڻ) شهدادڪوٽ ۾ انڪروچمينٽ هٺائڻ لاء آپريشن شروع وڌيل دوڪان ، ڌِڪا، ڇاپرا ڊاهي پٽ ڪيا ويا ، شهر جي ڪوٽوموٽو چوڪ کان خضدار چوڪ  تائين ڊاهي جو ڪم شروع ڪيو ويو جنهن جي نگراني اسسٽنٽ ڊاريڪٽر اينٽي اينڪروچمينٽ شهدادڪوٽ ۽ ايس ڊي ايم شهدادڪوٽ سجاد حيدر قادري ، مختيار ڪار شهدادڪوٽ منصور کهاوڙ ، ڊي ايس پي شرف الدين سومرو ايس ايڇ او اي سيڪشن عبدالمجيد ناريجو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ ٻيو عملو ساڻ ڪري ڄاڻايل هنڌ کان آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي جيڪو دير تائين جاري رهندو، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊاريڪٽر اينٽي اينڪروچمينٽ شهدادڪوٽ  سجاد حيدر قادري چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شهر وڌيل انڪروچمينٽ کي هٽائڻ لاء 3 ڀيرا نوٽيس جاري ڪري سندس انڪروچمينٽ ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي جنهن تي ڪنهن به عمل نه ڪيو تنهن بعد سپريم جي حڪم تحت شهر ۾ ٿيل انڪروچمينٽ کي هٽائڻ شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي پهرين مرهلي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ کان خضدار چوڪ تائين آپريشن ڪيو پيو وڃي جنهن بعد ٻئي مرهلي ۾ شهر جي ٻين علائقن ۾ به آپريشن شروع ڪيو ويندو هنن چيو ته اگر جنهن کي به نوٽيس مليل آهي بهتر آهي ته هو پنهنجو پاڻ انڪروچمينٽ هٽائين نه ته ٻئي صورت انڪروچمينٽ هٽائي ويندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو