حديد مان ٻارڙي اغوا پوليس جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار

ملير( درياخان شر) گلشن حديد مان ڏينھن ڏٺي جو پنج سالن جي ٻارڙي اغوا ٿي وئي. جڏهن ته پوليس اغوا جو ڪيس  24 ڪلاڪن بعد داخل ڪرڻ جو چئي ٻارڙي جي وارثن کي واپس موٽائي ڇڏيو. وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارڙيءَ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻارڙي جي مامي احمد قادري ٻڌايو ته اڄ منجھد مھل مناحل دڪان تان شئي وٺڻ وئي هئي، جتان ھو واپس نه آئي. هوڏانهن ٻارڙي جي والد جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، ٻارڙيءَ جو پيءُ نعمان مزدوري ڪندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو