اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري حديبيه پيپر مليز ڪيس کي پاناما پيپرز کان وڏي ڪهاڻي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيه پيپر مليز ڪيس تقريبن 124 ملين روپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي ۽ اهو ڪيس پاناما کان به وڏو آهي. ان جي شروعات 2000 ۾ ٿي جڏهن نيب حديبيه پيپرز جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو. نيب نشاندهي ڪئي آهي ته شريف خاندان رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي اکين ۾ مٽي وڌي، ڪيس احتساب عدالت ۾ آيو ته شريف فيملي ڊيل ڪري سعودي عرب هلي وئي.هن چيو ته 2006/9 ۾ معاملو ٻيهر اٿاريو ويو ته پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ مڪ مڪا ڪري ڪيس کي ٻيهر روڪرائي ڇڏيو. چيو ويو ته ڪيس نٿو هلي سگهي. نيب چيئرمين جي صحيح نه آهي. ڪارروائي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪئي وئي ته 2 رڪني بينچ گڏيل فيصلو ٻڌايو. ريفري جج ڪيس بند ڪرائڻ جي راءِ جي حمايت ڪئي ته ڪيس 2014 ۾ بند ڪيو ويو.فواد چوڌري چيو ته ايتري تفصيلي جاچ کان پوءِ ان ڪيس جو هڪ ڏينهن به عدالتي ٽرائل ناهي ٿيو. ڪيس بند ڪرڻ جو فيصلو ڏيندڙ جج صاحب جا به پرڏيهي ملڪن ۾ اثاثن جا انڪشاف سامهون آيا پر بدقسمتي سان ان جج صاحب جي خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي. اميد آهي ته عدليه ان ججن تي ڪارروائي ڪندي جنهن شريف فيملي جي مدد ڪئي. انصاف جي تقاضا آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ان ڪيس ۾ هاڻ ڪجهه نيون حقيقتون به سامهون آيون آهن جن تي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
فوجي عدالتن ۾ محفوظ ڪيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت
پاڪستان ۾ اڪثر دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال
حڪومت اٽو پرڏيهه مان برآمد ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي
ماڻهن کي ثناءُ ۽ شعيب بابت ڪا به خبر نه هئي، ان ڪري صدمي ۾آهن
بابر اعواڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج، وڌيڪ 24 نالن جي منظوري
سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڏو چئلينج جعلي خبرون آهن: تارڙ
صوبي ۾ پاڻي کوٽ تي وفاق سان اختلاف آهن: شورو
سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 90 پئسا ٿي ويو
راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس جي درخواست، ايس ايڇ او کي نوٽيس
آمريڪا ۽ ان جا حواري مضبوط روس کان ڊڄن ٿا: پوتن
وزيراعليٰ مريم نواز ڪيترن ئي زرعي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
اڄوڪي-اخبار-2024-03-28
سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ منتقلي جو اهم ذريعو بڻجي چڪو
ايجنسين جي مداخلت، فل ڪورٽ اجلاس بنا فيصلي ختم، سڀاڻي وزيراعظم ملندو
پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ڳڙهه افغانستان آهي: خواجا آصف
اي آءِ جو استعمال ڪري نئين طريقي سان فراڊ شروع
پنجاب مان 2 پي ٽي آءِ سينٽرن سميت 7 بنامقابلي ڪامياب
صدر جو چيني سفارتخاني جو دورو، شانگلا واقعي جي تعزيت