حب ڪينال تي مرمت جو ڪم جاري،جلد مڪمل ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنهنجي جاري ھڪ بيان ۾ ٻڌايو تہ حب ڪينال تي مرمت جو ڪم تيزي سان جاري آهي جيڪو ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو تہ سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران ڪئنال جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيو ويون ھيون جنهن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو پيو وڃي پر برسات جي پاڻي سبب مرمت جي ڪم ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون ھيون، ھن چيو تہ حب ڪينال ۾ گھارو پوڻ سبب ضلعي اولهه ۽ ضلعي ڪياماڙي ۾ حب ڪينال مان پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل آھي جڏهن تہ لاڳاپيل علائقن ۾ ڪي ٿري جي متبادل لائين مان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، واضح رهي تہ تيز برساتن ۽ حب پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي اچانڪ بريڪ ڊائون سبب ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ حب ڪئنال ۾ گھارو پئجي ويو ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو