حافظ نعيم جي خلاف هڪ ارب رپيا حرجاڻي جو ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ اسميبلي ميمبر طارق مسعود آرائين هتڪ عزت تي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي خلاف هڪ ارب رپيو حرجاڻي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو طارق مسعود آرائين مطابق حافظ نعيم پاران ڪوڙا بي بنياد ۽ من گهڙت الزام مڙيا ويا حافظ نعيم جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي عدالت ۾ هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، هلندڙ مهيني طارق مسعود آرائين حافظ نعيم کي هڪ ارب حرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو هو طارق مسعود آرائين پاران موڪليل نوٽيس ۾ چيو ويو ته هافظ نعيم مون تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام مڙهيا منهنجي ساک کي نقصان ڏنو ۽ منهنجي ووٽرز جي دل آزاري ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو