حاضري تان استادن ۾ جهيڙو، اسڪول جنگ جو ميدان بڻجي ويو

پکو (عبدالوحيد ميئو) گورنمينٽ ھاءِ اسڪول گھوگھارو ۾ حاضري مامري تان استادن ۾ ڇڪتاڻ دوران استاد ھٿين پئجي ويا. ھلندڙ ڪلاسن دوران استادن ھڪ ٻئي تي ٿڦڙن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو جنھن دوران ڪلاسن ۾ موجود شاگردن ۾ ڪيھاٽ پئجي ويا ۽ ڀاڄ سبب شاگرد ڪلاسن کان ٻاھر نڪري ويا. جڏھن ته اسڪول ۾ جھيڙي جي اطلاع تي حد جي پکو پوليس پھچي استادن ۾ ٿيل جھيڙي کي ختم ڪرايو. ھوڏانھن استاد تنظيم گسٽا قمبر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري بشير احمد چانڊيو پھچي معامري کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر استاد بضد ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ھئا جنھن بعد ڇڪتاڻ جي آگاھي ڊي اي او قمبر شھدادڪوٽ نواب علي کوکر کي ڏني وئي جيڪو بروقت پھچي اختلافي استادن کي گھرائي ڳالھيون ٻڌيون جنھن بعد ٻنھي ڌرين کي تاڪيد ڪيو ويو ته آئنده تعليمي عمل ۾ رخنو وجھندڙ استادن کي رليو ڪري بدلي ڪيو ويندو. ھوڏانھن جھيڙيندڙ استادن ھڪ ٻئي تي الزام لڳائيندي چيو ته اسان ڊيوٽيون پابندي سان ڪندا آھيون پوءِ ڪجھ استاد سوشل ميڊيا ۽ ٻين مختلف حربن سان عزت مجروح ڪري رھيا آھن جڏھن ته ھيڊ ماستر کي پوري خبر آھي ته سڀ استاد ريگيولر پڙھائيندڙ آھن. جڏھن ته ٻئي ڌر الزام لڳايو ته ڪجھ استاد سالن کان ڊيوٽي تي ناھن ايندا جن لاءِ اسان آواز اٿاريو ته ڪجھ استادن ان کي غلط رنگ ڏئي اسڪول ۾ فساد ڦھلائي پڙھائي واري عمل ۾ رنڊڪ وجھي ٻارڙن جي پڙھائي متاثر ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف ڳوٺ جي سياسي سماجي ڌرين ۾ اسڪول اندر استادن وچ ۾ جهيڙي واري عمل تي ڳڻتي ڇانيل آھي. ھنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو