جي ڊي اي جا مقامي اڳواڻ پي پي ۾ شامل، ٻگهيو پاران ڀليڪار

لاڙڪاڻو(ن س) يونين ڪائونسل دڙا ۾ ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگھيو سي سي بلاڪ تعمير ڪرايل گهٽي جو افتتاح ڪيو ۽ مستحق ماڻهن ۾ ڪپڙا ۽ امدادي سامان ورهايو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ضلعي جو انفارميشن سيڪريٽري محمد علي خان ٻگھيو، يو سي چيئرمين بشير احمد جوڻيجو پڻ موجود هئا. ان کان اڳ هن ٽائون ڪاميٽي باڊھ جي غريب ملازمن ۽ يونين ڪائونسل يارو لاکير ۾ عيد جي مناسبت سان مستحق ماڻهن ۾ ڪپڙا  تقسيم ڪيا هئا.  

يوسي دڙا جي، جي ڊي اي، جي ٽڪيٽ تي گذريل ڀيري اليڪشن وڙهندڙ اميدوار علي شيرساريو، ٽائون ڪاميٽي خير محمد آريجا جي معزز شخصيت برڪت علي آريجو، يوسي سيھڙ ۾ انڙ برادري جي چگي مڙس قربان علي انڙ، يوسي وڏي وھڻي جي ڪلھوڙا برادري جي چڳي مڙس شفيع محمد ڪلھوڙو،  يوسي ڪاراڻي جي الله بخش ٻگھيو پڻ جي ڊي اي کي الوداع چئي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شمولييت جو اعلان ڪيو هو. حزب الله خان ۽ پيپلز پارٽي جي ضلعي اطلاعات سيڪريٽري محمد علي خان ٻگهيو مختلف برادرين پاران کين مان ڏيندي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي سندن ٿورا مڃيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو