جي يو آءِ (ف) جي آزادي مارچ کان اڳ مدرسن جي نگراني شروع

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) جميعت علماءِ اسلام (ف) طرفان 27 آڪٽوبر واري ڏينهن ملڪ جي مختلف شهرن کان اسلام آباد ڏانهن احتجاجطور رٿيل آزادي مارچ کي روڪڻ خاطر وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ اهم ادارن طرفان هاڻي کان ئي تياريون شروع ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ ”ڊان“ اردو ويب سائيٽ تي جاري ٿيل خبر مطابق جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻن، سرگرم ڪارڪنن ۽ مدرسن جي ڳجهي نگراني شروع ڪئي وئي آهي. وفاقي گاديءَ واري شهر جي انتظاميا جي هدايتن مطابق پوليس پنهنجي اسپيشل برانچ کي الرٽ ڪندي جي يو آءِ (ف) سان لاڳپيل مدرسن، اتان جي استادن ۽ طالبن بابت معلومات گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. مدرسن جي اندر توڙي ٻاهر انٽيليجنس وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ 329 مدرسا آهن جن ۾ 28 هزار طالب تعليم پرائي رهيا آهن ۽ امڪان آهي ته جي يو آءِ (ف) کي 207 مدرسن ۾ طالبن ۽ ٻين ماڻهن جي مدد حاصل ٿيندي. انهن کان علاوه اسلام آباد ۾ واقع ڪيٽرنگ سروس، هوٽلن ۽ رينٽ اي ڪار سروسز جي نگراني به شروع ڪئي وئي آهي. امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ته مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر يا ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ (سي آر پي سي) کي به استعمال ڪيو ويندو ته جيئن مدرسن جا طالب، استاد ۽ ٻيا ماڻهو آزادي مارچ ۾ شريڪ نه ٿين ۽ سروسز ڏيندڙ نجي ادارن جا ماڻهو به مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي ڪا سهوليت نه ڏئي سگهن. ٻئي طرف هڪ پوليس عملدار چيو آهي ته اسلام آباد پوليس نئين حڪمت عمليءَ تحت وڏي پيماني تي ٿيندڙ فسادن کي روڪڻ واري مشق شروع ڪري ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو