اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي، جي اليون سيڪٽر ۾ ڊسٽرڪٽ ڪورٽس ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا شهيد ۽ 36 ٺڻا زخمي ٿي پيا آهن. اسلام آباد ۾ اڱاري ڏينهن منجهند اٽڪل 12 وڄي 39 منٽن تي زور دار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته خود ڪش ڌماڪي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ 27 زخمي ٿي پيا آهن. بعد ۾ پمز اسپتال جي ترجمان ڊاڪٽر مبشر ڏاها جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته 12 ڄڻا فوت ٿيا آهن ۽ زخمين ج انگ 36 ٿي ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي بمبار پوليس جي گاڏي جي ويجهو پهتو ۽ پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، ڌماڪي سبب ويجهو بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته آپگهاتي بمبار جا عضوا اُڏي عدالت جي اندر وڃي ڪِريا. پوليس موجب، ڌماڪي ۾ ٽن گاڏين کي نقصان پهتو جن مان هڪ پوليس جي ۽ ٻه نجي گاڏيون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو ۽ واقعي واري هنڌ تان مبينا آپگهاتي بمبار جي مُنڍي به هٿ آئي آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته بمبار 10 پندرنهن منٽ انتظار ڪندو رهيو ۽ عدالتي احاطي ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ سيڪورٽي سبب بعد ۾ پوليس گاڏي لڳ پاڻ کي اڏائي ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته اسان جي پهرين ترجيح آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ڪرڻ آهي، حملي ۾ ملوث ڪردارن کي وائکو ڪيو ويندو. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن وانا ۾ به ڪار سوار آپگهاتي بمبار انٽري پوائنٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو هو، وانا ۾ به ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، وانا حملي ۾ افغانستان ملوث آهي ۽ اتي افغان علائقي مان ڪميونيڪيشن ٿيندي رهي.
آپگهاتي بمبار باجوڙ ۾ ترسيل هو، ڪورٽ حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آپگهاتي بمبار باجوڙ ۾ ترسيل هو. رپورٽ موجب، آپگهاتي بمبار جمعي جي ڏينهن اسلام آباد پهتو، هو پيروڌائي کان موٽر سائيڪل تي جي اليون ڪورٽ آيو، کيس لوئي ويڙهيل هئي. ٻئي پاسي آءِ جي اسلام آباد چيو آهي ته ڌماڪي ۾ اٺ ڪلوگرام تائين بارودي مواد ۽ بال بيئرنگز استعمال ڪيا ويا، في الحال گڏ ڪيل ثبوتن موجب آپگهاتي بمبار اڪيلو هو. آءِ جي اسلام آباد جو چوڻ هو ته هڪ موٽر سائيڪل ۽ گاڏي شڪي سمجهيا پيا وڃن، ڪئميرائن جي بيڪ ٽريڪنگ ذريعي ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته فارنزڪ، سي ٽي ڊي، انويسٽيگيشن، سيف سٽي ۽ حساس ادارا ثبوتن جو جائزو وٺي رهيا آهن.










