غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل مغربي ڪناري جي شهر جينين ۾ ابن سينا اسپتال کي فوري طور تي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز اسپتال جو گهيرو ڪيو آهي ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي خبردار ڪيو آهي ته اهي هٿ مٿي ڪري ٻاهر نڪري وڃن.علائقي ۾ بجلي، فون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ معطل آهي.عرب ميڊيا موجب ويسٽ بئنڪ ۾ جينين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.رپورٽن مطابق غزه ۾ ڊرون حملن ۽ فائرنگ سبب ڪيترائي فلسطيني زخمي پڻ ٿيا آهن.ٻئي طرف اسرائيل به غزه ۾ الشفا اسپتال جو گهيرو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.ان حوالي سان گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته فوج ريڊيولاجي ڊپارٽمينٽ کي تباهه ڪيو.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز اسپتال مان ڪيترائي لاش پڻ ڪڍيا.ان کان علاوه اسرائيل سڄي رات غزه تي حملا ڪندو رهيو.جباليه پناهگير ڪئمپ ۾ 11 ۽ خان يونس ۾ ننڍڙن ٻارن سميت 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
