جيز ڪيش فراڊ جو نئون طريقو، پورهيت جا 9هزار چوري

مورو(مورائي اياز سولنگي) ڳوٺ لليا جي پورهيت نوجوان هدايت الله قاضي سان موبلنڪ ڪمپني جي ڪال تي فراڊ، جيز ڪيش اڪائونٽ مان نامعلوم ماڻهن 9 هزار هڪ سو روپيا ڪڍرائي ويا. نوجوان پورهيت مورو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٻڌايو آهي ته  مون کي 92300 نمبر تان ڪال ڪري پن ڪوڊ خراب ٿي وڃڻ جو ٻڌائي مون کان پراڻو پن ڪوڊ وٺي ۽ نئين پن ڪوڊ سيٽ ڪرڻ جو چيو جنهن تي مان پن ڪوڊ ٻڌايو ته هنن منهنجي جيز ڪيش اڪائونٽ مان فراڊ ڪري پيسا ڪڍرائي ويا آهن مان غريب مسڪين پورهيت آهيان مهيني جي جمع پونجي گڏ ڪري جيز ڪيش ۾ جمع ڪندو هئس. منهنجا پئسا واپس ڏياري مون سان انصاف ڪيو وڃي جڏهن ته اهڙي رپورٽ حد جي ڪورائي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو