جوا الزام ۾ ڏاندن جي گوءِ جا شوقين 10 ڄڻا گرفتار

عادلپور (رپورٽ  مددعلي شاھ) عادلپور پوليس سم نالي ويجھو ڏاندن جي ھلندڙ ڊوڙ تي جوا جي ڳجھي اطلاع تي ايس ايڇ او عبدالمجيد آرائين جي اڳواڻي ۾ ڇاپو ھڻي ڏھن کان وڌيڪ جوارين کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن ۾ علي گل، رسول بخش ،عبدالغفور مھر، سونو پتافي ،غلام مرتضي ، اسحاق ،الله ڏوايو  ،نادرعلي ۽ عرفان شامل آھن جڏھن ته ان موقعي تي پوليس جوارين وٽان ٻه ڏاند ڇھ موبائل فون چار موٽرسائيڪلون سميت روڪ رقم ھٿ ڪري ورتي آھي جڏھن ته  جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي گرفتار ٿيلن جي دعويٰ آهي ته هو ڏاند ڊوڙائڻ جو شوق ڪندا آهن جوا جو الزام ڪوڙو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو