سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)سانگھڙ ڀرسان منگلي ٿاڻي حد ڳوٺ بلوچ آباد جي رهواسين پاران جهول پوليس جي ذيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اسماعيل بروهي مراد خاتون ابراهيم ۽ ٻين چيو گذريل رات جهول پوليس گڻنگ بنگلو وٽ منهجي ڀاء رحيم بروهي کي گرفتار ڪري کڻي گهم ڪري ڇڏيو آھي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي خوف آھي ته ڪٿي جهول پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ فل يا هاف فرائي نه ڪري ڇڏي هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڀاء رحيم بروهي تي سانگهڙ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي پوليس پاران ڪوڙي مقابلي جا 4 کان وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيل آھن جنن مان هو ٻن ڪيسن مان بري ٿيو هو ۽ ٻين ڪيسن جي تاريخ هلندڙ آھني هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهين هو ڏوهاري قسم جو ماڻھو آھي ته کين گرفتاري ظاهر ڪري کيس قانون تعت سزا ڏني وڃي ۽ اسان کي شڪ آھي ته ڪٿي پوليس ڪوڙي مقابلو ڄاڻاڻي ڄاڻائي قتل ڪري نه ڇڏين هنن اعلي اختيارن کان نوٽس وٺي نوجوان جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي










