جهلم: ايڊيشنل سيشن جج سميت 4 ڄڻا تلاءُ وهنجڻ دوران فوت

جهلم (ويب ڊيسڪ)جهلم جي علائقي سوهاوا ۾ ڊيم ۾ وهنجڻ دوران 4 ڄڻا ٻڏي ويا، جن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل سيشن جج مظفر ڳڙهه راجا مبين ۽ سندس پٽ پڻ مارجي ويلن ۾ شامل آهن. پوليس موجب مارجي ويلن ۾ ايڊيشنل سيشن جج جو ڀيڻيوو ۽ ڀائٽيو به شامل آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ايڊيشنل سيشن جج راجا مبين عيد جي موڪلن تي پنهنجي اباڻي گهر سهاوا آيو هو.جهلم پوليس موجب ٻڏي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ راجا مبين، عامر، عبدالله ۽ سعدالله طور ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو