جهانگير ترين پٽ سميت فراڊ ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران ٻيهر طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ايف آءِ اي ڪارپوريٽ فراڊ ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن هيٺ پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين کي 30 سيپٽمبر تي ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته اڳ ۾ علي ترين کي 18 سيپٽمبر جڏهن ته جهانگيرترين کي 19 سيپٽمبر تي ايف آءِ اي طلب ڪيو هو ۽ بنهي الزام رد ڪندي پيش ٿين کان انڪار ڪيو هو. هو ٻئي هن وقت لنڊن ۾ آهن. ياد رهي ته کنڊ اسڪينڊل ۾ نالو اچڻ بعد هو پرڏيهه هليو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو