نواب آف جهالاوان جو پٽ،هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

خضدار (خصوصي نمائندو) بلوچستان جي خضدار واري علائقي ۾ نيشنل پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ نوابزاده امان الله خان زرڪزئي 4 ساٿين سميت قتل ٿي ويو. مقتولن ۾ سندس پوٽو به شامل آهي. ليويز موجب خضدار ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ امان الله زرڪزئي جي قافلي تي اڻڄاتل هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ امان الله زرڪزئي ۽ سندس پوٽي سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا. سيڪورٽي فورسز واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن ڪيو. ٻئي پاسي مقتولن جا لاش اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

نواب امان الله خان زرڪزئي جي حياتي جي تصوير

ليويز جي ٿاڻي زهري نوگامه جي حد ۾ پيش آيل واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو. مرحوم امان الله خان زرڪزئي نواب نوروز خان جو فرزند هو پر فقير منش طبيعت جو مالڪ هو. سندس علائقي م سڃاڻپ هڪ سماجي خدمتگار طور هئي. هو سردار ثناءَ الله خان زهري جو مامو هو پر هنن سان سياسي مخالفت هلندڙ هئس ۽ سندس خاندان جو شڪ به ڀاڻيجن تي آهي. سندس جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ کيس آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ياد رهي ته سابق فوجي ڊڪٽيٽر ايوب خان جي دور ۾ بغاوت جو الم بلند ڪندڙ نواب نوروز خان کي ٺاهه لاءِ قرآن پاڪ تي سمجهوتو ڪرڻ بعد گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ويو هو ۽ سندس خاندان موجب کيس ڌوڪي سان قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو