ٺٽو: (ن س) جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان مال گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، انجڻ سميت 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مال گاڏي لوپ لائن ۾ داخل ٿيندي حادثي جو شڪار ٿي وئي، بريڪ فيل ٿيڻ سبب مال گاڏي سيفٽي بلاڪ ٽوڙي پٽڙي کان هيٺ لهي وئي.حادثي ۾ ريلوي ٽريڪ کي جزوي نقصان پهتو، جڏهن ته خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه پهتو آهي. ريلوي اختيارين ۽ عملي موقعي تي پهچي بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.










