اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سڀني کان ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،چيئرمين پي اي سي نور عالم خان اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ايف ڊبليو او جي عدم شرڪت تي ناراضگي جو اظهار ڪيو،اسلام آباد ۾ نور عالم خان جي صدارت هيٺ پي اي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي ايجنڊا ۾ مواصلات واري وزارت بابت سال 22-2021ع جي آڊٽ اعتراضن تي غور ڪيو ويو.ڪميٽي ڊي جي ايف ڊبليو او جي غير موجودگي ۾ آڊٽ اعتراضن تي غور ملتوي ڪري ڇڏيو.چيئرمين ڪميٽي نور عالم خان چيو ته جيڪڏهن ڊي جي ايف ڊبليو او نه هجي ته مان اجلاس نه گهران، اڪثر آڊٽ پيراگراف انهن سان لاڳاپيل آهن پر جنرل صاحب نه آيو،هن وڌيڪ چيو ته اسان کي سندس نه اچڻ بابت اڳ ۾ اطلاع نه ڏنو ويو هو، جيستائين هو نه ايندو اسان اهي آڊٽ اعتراض ملتوي ڪري رهيا آهيون،اجلاس دوران پي اي سي سڀني کان ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي، چيئرمين نور عالم چيو ته ٽول ٽيڪس سڀني کان ورتو وڃي،هن چيو ته جيڪڏهن ڪو يونيفارم ۾ سرڪاري ڊيوٽي تي وڃي رهيو آهي ته ان کان ٽول ٽيڪس نه ورتو وڃي،نور عالم خان اهو به چيو ته جيڪڏهن ڪو جنرل ۽ جج به سندن گهر وڃي رهيا آهن ته انهن کان ٽول ٽيڪس ورتو وڃي،ڪميٽي جي ميمبر رميش ڪمار چيو ته هر شيءِ ۾ استثنيٰ ختم ٿيڻ گهرجي،ملاقات دوران نور عالم خان سوال ڪيو ته هو ٽي وي تي ڏسي رهيو آهي، لاهور اسلام آباد موٽر وي هڪ طرف کان بند آهي،موٽر وي پوليس عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته موٽر وي بند نه هئي، ڊائيورشن ڏنو ويو هو هاڻي کوليو ويو آهي،چيئرمين پي اي سي چيو ته موٽر وي کي بلاڪ نه ڪيو وڃي، جڏهن به ڪو سياسي اڳواڻ ويندو آهي ته روڊ بلاڪ ڪيو ويندو آهي، وي وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪيو وڃي، ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي.










