جنرل نديم رضا چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر

اسلام آباد (اياز مهر) وزيراعظم عمران خان ليفٽيننٽ جنرل نديم رضا کي نئون چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب هو 27 نومبر کان پنهنجي عهدي جي چارج وٺندو. هن عهدي لاءِ ايٽمي هٿيارن کي ڊيل ڪندڙ ايس پي ڊي جو سربراهه ليفٽيننٽ جنرل سرفراز ستار ۽ ڪراچي جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز جا نالا به غور هيٺ هئا پر فيصلو نديم رضا جي حق ۾ ٿيو. اهڙي اعلان کان اڳ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن م اهڙو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جنرل باجوا جي مدت جيڪا 28 نومبر تي ختم ٿي رهي آهي، ان ۾ ٽن سالن جي واڌ هلندڙ سال 19آگسٽ تي ڪري چڪو آهي ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ٿي چڪو آهي. ڪجهه عرصي کان ميڊيا ۾ اهي تبصرا  به هليا هئا ته آرمي چيف جي مدت ملازمت م واڌ جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو. هاڻي جنرل باجوا 28 نومبر 2022 ۾ رٽائر ڪندو. ياد رهي ته بظاهر چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ٽنهي هٿيار بند فوجن جي سربراهن کان مٿانهون آهي پر عام تاثر اهو ملندو آهي ته آرمي چيف ئي اصل طاقت جو محور هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو