ڪورٽ مارشل ڪاروائي لاءِ فوج اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ جي شقن تحت مناسب انضباطي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي تفصيلي ڪورٽ آف انڪوائري ڪئي وئي. پاڪ فوج پاران ٽاپ سٽي ڪيس ۾ فيض حميد خلاف شڪايتن جي صحيحيت معلوم ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪئي وئي.آءِ ايس پي آر موجب رٽائرمينٽ کانپوءِ فيض حميد خلاف پاڪستان آرمي ايڪٽ جون ڪيتريون ئي ڀڃڪڙيون ثابت ٿي چڪيون آهن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندس خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي اياز مهر پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ٻن رٽائرڊ برگيڊيئرز سميت ڪجهه حاضر سروس فوجين ۽ سويلنز کي به  حراست ۾ ورتو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ۾ شامل اهم شخصيتون فيض حميد کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن. هوڏانهن دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف جيو نيوز جي پروگرام ۾ شاهزيب خانزادي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد جا سهرا پاڻ ۾ دوست آهن، انهن کيس گهرائي چيو هو ته فيض حميد کي آرمي چيف ٺاهيو، جيئن اوهان چوندا هو ائين ڪندو. خواجا موجب فيض حميد ڪيترا ڀيرا قرآن جا قسم کڻي وفاداري جا وچن ڪيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته جنرل باجوا اڳ ۾ پنهنجي ملازمت ۾ واڌ جي ڪوشش ڪئي بعد ۾ فيض حميد کي آرمي چيف ٺاهڻ لاءِ وڏا وس ڪيا. جڏهن کيس خاطري نه ملي ته آخري آپشن طور جنرل باجوا چيو ته ڇڏيو نه اوهانجو ماڻهو (موجوده آرمي چيف جنرل آصف منير) نه اسانجو (فيض حميد) هڪ نئون ماڻهو (جنرل ساحر شمشاد) کي نئون آرمي چيف لڳايو. فيض حميد جو سياسي افق تي پهريون ڀيرو نالو ا2017 ۾ ان وقت سامهون آيو جڏهن تحريڪ لبيڪ جو فيض آبد ڌرڻو ختم ڪرڻ وقت هن معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. سندس ان ڪردار بابت سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ان کي غير آئيني قرار ڏيندي حلف جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو هو پر حڪومت ڪميٽي ٺاهي کيس ڪلين چٽ ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو