جناح اسپتال ۾ جلد نيون ڀرتيون ڪيو وينديون: انتظاميه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي جي انتظاميا پاران جاري ڪيل پريس ريليز جي مطابق جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ۾ عوام کي مفت علاج ڪرڻ ۽ ٻيون طبي سهولتون وقت تي فراهمي سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي ڀرپور سهڪار سان ضرورري طبي عملي جي ڀرتي جو عمل جلد شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جو باقاعده اشتهار ملڪ ۾ شايع ٿيڻ واري مشهور شايع ٿيندڙ رسالي ۾ ڪيو ويندو.اسپتال انتظاميا جي علم ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمز تي جناح اسپتال جي نالي تي ڀرتي لاءِ گمراهه ڪندڙ اشتهار ۽ ٻين ڏوهن غير اخلاقي سرگرميون ڪيون پيون وڃن جنهن جي اطلاع FIA ۽ ٻين حڪومتي ادارن کي ڪيون ويون آهن ۽ ان جي خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.تنهن ڪري عوام کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به قسم جي جعلسازي ۽ ڌوڪو ڏيندڙ مهم جو شڪار نه ٿين ۽ سموري حقيقي اطلاعات اخبارن ۽ جناح اسپتال جي ويب سائيڊ ۽ يوٽيوب چينل تي وقت تي شايع ڪيون وينديون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو