اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جي پگهار ۽ مراعتن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ بئنڪ جي موجوده گورنر جميل احمد جي ماهوار پگهار 40 لک رپيا آهي جڏهن ته ٻيا مراعتون الڳ آهن، اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر جي پگهار 25 لک رپيا هئي.اهڙو اظهار ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب جي سوال جي لکت ۾ جواب ۾ ڪيو، اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر جي پگهار 25 لک رپيا هئي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي موجوده گورنر جميل احمد جي پگهار 26 آگسٽ 2022 تي مقرر ٿيل اڳوڻي گورنر کان 15 لک رپيا وڌيڪ آهي.










