ڪراچي(ويب ڊيسڪ)تازو ئي فلم جي شوٽنگ سيٽ تي ٿيل حملي پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ماه عامر جي ماضي جون تلخ يادون تازيون ڪري ڇڏيون.سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي وائرل پوسٽ موجب اداڪارا پاڻ سان ٿيل واقعو ياد ڪندي چيو ته جمشيد ڪوارٽرز ۾ شوٽنگ دوران سندس ٽيم به اهڙي ئي تجربي مان گذري هئي. هن مطالبو ڪيو ته سمورن فنڪارن، پروڊيوسرن ۽ پروڊڪشن هائوسز کي هن جڳهه جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. انسٽاگرام جي هڪ ٻي ڪهاڻي شيئر ڪندي هن چيو ته ”مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڪاسٽ ۾ هڪ حقيقي هاليس هو جنهن چيو هو شوٽنگ ڇڏي ڏي، اهو پوليس جو ڪم ناهي.
