جمالي ۽ پنهور برادرين جي گروپن ۾ جهيڙو 5 ڄڻا زخمي

خيرپور ناٿن شاھ (وفا معشوق علي کوکر) ڪڪڙ ۾ باءِ پاس هوٽل تي جمالي ۽ پنهور برادري جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ڏنڊن ۽ سروٽن جو آزاداڻو استعمال،  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ نثار پنهور، ديدار پنهور، شوڪت پنهور، ضمير جمالي ۽ رفيق جمالي شامل آهن. پوليس پاران زخمين کي ليٽر ڏئي تعلقا اسپتال ريفر ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو