جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ ضلعي اميرن جو اعلان

جماعت اسلامي پاران سنڌ ۾ ضلعي اميرن جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ارڪان جماعت کان راءِ شماري توڙي جماعتي مفاد کي سامهون رکندي امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن جي منظوري کان پوءِ ڪراچيءَ کان ڪشمور سنڌ جي 35 ضلعي اميرن (صدرن) جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جن جي عهدي جو معياد 2024ع کان2026ع تائين هوندو. ايندڙ ٻن سالن لاءِ چونڊيل ضلعي اميرن ۾ ابوبڪر سومرو جيڪب آباد، غلام مصطفى ميراڻي ڪشمور، عبدالسميع ڀٽي شڪارپور، زبير حفيظ شيخ سکر، نادر کوسو ايڊوڪيٽ لاڙڪاڻو، حافظ منصور ابڙو قنبر شهدادڪوٽ، عبدالرحمٰن مڱريو دادو، تشڪيل احمد گهوٽڪي، امتياز احمد سهتو خيرپورميرس، نعيم احمد ڪمبوهه نوشهروفيروز، طارق جاويد نواب شاهه، رفيق منصوري سانگهڙ، فقير محمد لاکو مٽياري، مولانا عمر خان ڄامشورو، آصف ياسين ٽنڊوالهيار، حافظ سلمان خالد ميرپورخاص، خليل احمد کوکر عمرڪوٽ، ياسين لطيف مغل ٿرپارڪر، حافظ لعل محمد سولنگي ٽنڊومحمد خان، سيد علي مردان شاه بدين، عبدالمجيد سمون ٺٽو، ڪامران سراج گلبرگ وسطي، سيد وجيه حسن وسطي ڪراچي، طارق مجتبى شمالي، مدثر انصاري غربي، فضل احد حنيف ڪياماڙي، ڊاڪٽر نورالحق غربي سائيٽ، نعيم اختر شرقي، انجنئير عبدالعزيز قائدين، سفيان دلاور جنوبي، مرزا فرحان بيگ ڪورنگي، محمد اشرف ائرپورٽ، سيد مفخرعلي ملير ۽ عرفان احمد ضلع گڏاپ ڪراچي شامل آهن.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو