جماعت اسلامي عام چوندن ۾ 11 عورتن کي جنرل سيٽن تي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان 08 فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عورتن اميدوارن کي به جنرل سيٽن تي مقابلي لاءِ ميدان ۾ بيهاري ڇڏيو، تفصيل موجب جماعت اسلامي طرفان 04 قومي ۽ 07 صوبائي تڪن جي جنرل سيٽن تي عورت اميدوارن کي ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا آهن. عورت اميدوارن پنهنجي چونڊ ورڪ پڻ شروع ڪري ڏني آهي. جنهن ۾ اين اي 190 جيڪب آباد تان محترمه نگينه، اين اي 199 گهوٽڪي بيگم شڪيه ذيشان، اين اي 203 خيرپور ميرس سڪينه سبحان، اين اي 222 بدين صفيه شمس ٿيٻو جڏهن ته پي ايس 8 شڪارپور شاهده اعجاز ميمڻ، پي ايس 35 نوشهروفيروزشائسته سهتو، پي ايس42 سانگهڙ فرحت حيات، پي ايس 46 ميرپورخاص فوزيه خالد، پي ايس 50 عمرڪوٽ عشرت ناز، پي ايس 68 بدين پروين جوڻيجو ۽ پي ايس 78 ڄامشورو تان شبنم شڪيل شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو