جماعتِ اسلامي پاران 16 آگسٽ تي چئني صوبن ۾ ڌرڻن جو اعلان

جماعتِ اسلامي پاران 16 آگسٽ تي چئني صوبن ۾ ڌرڻن جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ): جماعتِ اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان پيٽروليم شين جي قيمتن ۽ بجيٽ ۾ لاڳو ڪيل ليويءَ خلاف حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي 16 آگسٽ تي ملڪ جي چئني صوبن ۾ هڪ ئي وقت احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت پيٽروليم ڊولپمينٽ ليويءَ جي آڙ ۾ پنهنجي ناهلي ۽ ڪرپشن لڪائي رهي آهي. عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گھٽجڻ بعد به عوام کي مڪمل رليف ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته پيٽرول جي حقيقي قيمت 225 روپيا في ليٽر هئڻ گهرجي، پر هتي قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.امير جماعتِ اسلامي اعلان ڪيو ته 16 آگسٽ تي پنجاب ۾ وڏي وزير جي هائوس جڏهن ته سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ گورنر هائوسز آڏو وڏا احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا. هن چيو ته 7 آگسٽ تي شهرين جماعتِ اسلامي جي سڏ تي تاريخي احتجاج ڪيو ۽ هاڻي آءِ پي پيز مافيا ۽ ظالمانه ٽئڪسن خلاف عوام کي وڌيڪ ميدان تي اچڻو پوندو.پريس ڪانفرنس دوران حافظ نعيم الرحمان مڪه دفاعي معاهدي جو خيرمقدم ڪندي چيو ته اسلامي دنيا لاءِ هيءَ هڪ وڏي رفتاري آهي ۽ ايران سميت ٻين مسلم ملڪن کي به ان اتحاد ۾ شامل ڪري طاقتور نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو