جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي ضمانت منظور ٿي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فريال ٽالپر جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ قائم بينچ هڪ ڪروڙ روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض سندس ضمانت منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ياد رهي ته جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ کيس نيب گرفتار ڪيو هو. هن ڪيس ۾ آصف علي زرداري جي اڳ ۾ ئي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو