جعلي اڪائونٽ ادائگي جو هڪ نئون ڪيس ظاهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي احتساب بيورو يعني نيب، نارٿ ناظم آباد واسي پورهيت کي 15 جون تي راولپنڊي طلب ڪري ورتو، طلبي نوٽيس ۾ نيب جو چوڻ آهي ته سال 2016 ۽ 17ع ۾ جاپان مان چوري ٿيل 200 گاڏيون خريد ڪيون ويون، گاڏين جي خريداري لاءِ پورهيت اڪبر جي اڪائونٽ مان پئسن جي ادائگي ڪئي وئي، نوٽيسز جاري ٿيڻ باوجود اڪبر 15 ۽ 24 جون تي نيب آڏو پيش نه ٿيو، پورهيت محمد اڪبر جو چوڻ آهي ته شٽرنگ جو ڪم ڪري پيٽ پاليندو آهيان، راولپنڊي وڃڻ لاءِ ڪرايو به نه آهي، جاپان جو رڳو نالو ٻڌو اٿم، ڪڏهن ويو ئي ناهيان. لڳي ٿو بئنڪ انتظاميا وارن اڪائونٽ ڪنهن شاهينگ سان ملي ڀڳت ڪري استعمال ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو