جعفر ايڪسپريس حملي جو مک ڪردار گل رحمان افغانستان ۾ مارجي ويو

جعفر ايڪسپريس حملي جو مک ڪردار گل رحمان افغانستان ۾ مارجي ويو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) جعفر ايڪسپريس حملي جو ماسٽر مائنڊ، فتنه الھندستان جو دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد، افغانستان ۾ پراسرار طور تي مارجي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گل رحمان عرف استاد مريد جعفر ايڪسپريس حملي جو ماسٽر مائنڊ هو. دهشتگرد گل رحمان فتنه الھندستان مجيد برگيڊ جو ٽرينر ۽ آپريشن ڪمانڊر هو، هندستاني ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا موجب هن کي 17 سيپٽمبر 2025 تي افغانستان جي صوبي هلمند ۾ ماريو ويو، اهو به ٻڌايو ويو ته دهشتگرد گل رحمان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز، چيني شهرين، معصوم شهرين ۽ مختلف ادارن تي حملن ۾ ملوث هو، فتنه الھندستان پاڪستان جي معصوم شهرين، سيڪيورٽي فورسز ۽ سي پيڪ منصوبن کي نشانو بڻايو. ذريعن موجب، فتنه الھندستان جعفر ايڪسپريس، ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني ۽ گوادر پي سي هوٽل تي دهشتگرد حملا ڪيا، فتنه الھندستان خضدار اسڪول بس ڌماڪو، ڪراچي ۾ ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ خودڪش ڌماڪو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج حملو ۽ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو