جعفري، پنهوار تڪرار، نوجوان قتل، انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

خانپور(زبيرگل) پنهوار ۽ جعفري برادري جي پراڻي تڪرار تان ڏينهن ڏٺي جو گوليون لڳڻ سبب نوجوان بهرام جعفري  قتل  ٿي ويو. مقتول جي وارثن ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور وٽ انڊس هاءِ وي تي لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب چئني صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون بيھجي ويون مسافرن کي پريشاني کي منھن ڏيڻو پئجي ويو. ٻن ڪلاڪن بعد ايس ايچ او خانپور مظهر ڪنگو مقتول جي وارثن کي منٿون ڪري روڊ کولرائي ورتو. مقتول جو لاش  پوسٽ مارٽم جي لاءِ خانپور اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم  بعد مقتول جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو. مقتول جي وارثن پاران خانپور پوليس تي جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ جا الزام ھڻندي چيو ته ٿڏي تي اطلاع باوجود خانپور پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او خانپور مظھر ڪنگو ٻڌايو ته پنھوار ۽ جعفري برادري جي ٻن ڌرين م پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو جنھن سبب رستي ويندي جعفري نوجوان کي قتل ڪيو ويو آھي ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو