جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف ريفرنس بابت حڪمت عملي تيار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت خصوصي عدالت جي جج جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف ريفرنس متعلق حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي. اڳوڻي آرمي چيف پرويز مشرف جي تفصيلي فيصلي کان پوءِ وفاقي حڪومت خصوصي عدالت جي جج وقار احمد سيٺ خلاف ريفرنس متعلق حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي آهي. ذريعن مطابق وزارت قانون ۽ وزيراعظم جي معاون خصوصي احتساب شهزاد اڪبر ريفرنس تيار ڪري رهيو آهي جنهن ۾ جسٽس وقار سيٺ جي ذهني حالتن تي سوال اٿاريا ويندا. ان خلاف ريفرنس ۾ غير انساني فيصلا ڏيڻ جو الزام لڳايو ويندو. ذريعن مطابق ريفرنس ۾ لاش جي بي حرمتي متعلق شرعي احڪامن جو حوالو به ڏنو ويندو. ريفرنس جي تياري ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان سان مشاورت ڪئي ويندي ۽ ريفرنس تي وزيراعظم کي مڪمل بريفنگ کان پوءِ منظوري لاءِ ملڪ جي صدر کي موڪلي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو