اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس مسرت هلالي سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال جسٽس مسرت هلالي کان حلف ورتو، حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، اٽارني جنرل ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.جسٽس مسرت هلالي جي حلف برداري کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 16 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هوءَ سپريم ڪورٽ ۾ عهدو سنڀالڻ واري ٻي عورت جج هوندي.
