جسقم جو اسپتال ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاج

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي نوابشاهه پاران پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه ۾ دوائن ۽ ٻين سهولتن جي اڻ هوند خلاف اسپتال جي گيٽ سامهون ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، منير ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ۽ اسپتال انتظاميه جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوابشاهه  جي پي ايم سي اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين مشين ٽن مهينن کان خراب آهي ۽ اسپتال ۾ مريضن کي فرسٽ ايڊ جي ڪا به سهولت فراهم نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته اسپتال ۾ سالن کان ڇتي ڪتي جي ويڪسن نٿي ملي ۽ مريضن کي صاف ۽ سٺي ماني به نٿي ڏني وڃي اسپتال ۾ ڪيترائي سفارشي ماڻهو ڊيوٽي ڪرڻ کان آجا آهن صفائي جي کوٽ جي ڪري مريض سخت پريشان آهن ليڪن حڪمران ۽ اسپتال انتظاميا لاپرواهه بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال ۾ مريضن کي سموريون سهولتون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو