ججن جو خط، چار هاٰءِ ڪورٽ بارز پاران جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽون اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي عدليه ۾ ڳجهن ادارن جي مبينه مداخلت جي حمايت ۾ سامهون اچي ويون آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط تي 4 بار ايسوسي ايشنز جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان جاچ ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.اسلام آباد بار ايسوسي ايشن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن پاران سپريم جڊيشل ڪائونسل کي خط لکڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.جنهن دوران بار ايسوسي ايشن پاران عدليه جي آزادي ۽ خودمختياري خلاف مداخلت ۽ قدمن تي لکيل خط تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. پڌرائي موجب عدليه جي آزادي جي ڳالهه ڪرڻ عدليه، انصاف ۽ سماج لاءِ سخت نقصانڪار آهي. پڌرنامي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان کان واقعي جي جاچ ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته هو عدليه جي آزادي لاءِ تحريڪ شروع ڪرڻ کان به دریغ نه ڪندا. آزاد ۽ خود مختيار عدليه جي آئيني اصول تي عمل ڪندي ججن جي پيشه ورانه معاملن جي آزاديءَ سان انجام ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي.ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جو جائزو ورتو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ججن جي خط جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽن ججن تي مشتمل جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار عدالتي معاملن ۾ مداخلت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عدليه جي معاملن ۾ مداخلت عدالتي نظام تي حملي جي برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو