جبري گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ڪيمپ

ڪراچي( رپورٽ : باغي ساگر پنھوار ) مسنگ پرسن آف سنڌ سجاڳي فورم پاران قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻڻ چيو ته اسان سنڌي، بلوچن، پٺاڻن ۽ سڀئي ٻوليون ڳالهائيندڙ گم ڪيل ڪارڪنن جي جبري لاپتا ڪرڻ خلاف احتجاج ڪريون ٿا. متاثر جي وارثن ۽ فورم جي ڪارڪنن ڪراچي پريس ڪلب آڏو 24 ڪلاڪن جي لاء بک ھڙتالي ڪيمپ لڳائي احتجاج ڪيو. ڪيمپ ۾ سنڌسجاڳي فورم، بي اين پي ـ جيئي سنڌ قومي پارٽي ۽ سنڌ ساگر پارٽي جي ڪارڪنن ۽ گم ٿيل پيارين جا وارث پلي ڪارڊ ۽ فوٽو سان بک ھڙتالي  ڪيمپ ۾ موجود ھئا. جتي مظاھرين ڇتي نعريبازي ڪندي گم ڪيل نوجوانن کي ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي سنڌ سجاڳي فورم جي سارنگ جويو، سھڻي پارس، سورٺ لوھار، سيد مسعود شاھ، شبير لغاري، شاھد سومرو، ياسين جھلڻ ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان مسلسل قومي سنڌي ـ بلوچ ـ پٽاڻ ۽ اردو ڳالھائيندڙن کي کنڀي گم ڪري سالن جا سال لاپتا ڪري سندس وارثن کي ٿاڻن ـ ڪورٽن ۽ روڊن تي پريشان ۽ ذليل خوار ڪيو ويندو آهي. حڪومت توڙي ڪورٽون بلڪل انهن ايشوز تي خاموش آهن انهن چيو ته اڄ اسانجون ڀيڻون ـ مائرون ـ جوانن جو ونيون ـ ۽ انهن جا محصوم ٻارڙا بک ھڙتالون ڪري پنهنجي حقن جي لاء پريشان  آهن پر سبڌ سرڪار ٿوڙي ٻيا ادارا به خاموش تماشائي بڻيل آهن انهن وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان جا پيارا واپس نه ايندا تيستائين اھڙن بک ھڙتالن ۽ احتجاجي مظاھرين جا اڻ کٽ سلسلا جاري رھندا. هوڏانهن نوشهرو فيروز ۾ به سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ۽ قومي ڪارڪن دودو سيال ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ مختلف سياسي ڪارڪنن پاران پريس ڪلب آڏيو احتجاجي بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي وئي.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن عزيز ڀنگوار، ساگر وسطڙو، وزير سنڌي، شرجيل تڳر ڳالھائيندي چيو تہ، ”سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن کي رياستي ادارن رات جي تاريڪيءَ ۾ گھرن جي چوديواريءَ جو تقدس پامال ڪندي، انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۽ ملڪي قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ عدالتن جي توھين ڪندي کنڀي گم ڪيو ويو آھي، جن مان ڪيترن کي تہ 5 سالن کان بہ وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، خبر ناھي تہ اھي زندھ بہ آھن يا نہ، انھن جا گھروارا دربدريءَ واري زندگي گذارين پيا، انھن جي گھر ۾ ڪمائڻ وارو ٻيو ڪو بہ ناھي بچيو، ظلم جي انتھا اھا آھي تہ 2 ڏينھن اڳ شاھپور جھانيان مان قومي ڪارڪن دودي سيال کي ڳجھا ادارا کڻي ويا آھن، جنھن اسان سخت مذمت ڪندي دودي سيال سميت سمورن ڪارڪنن جي آزاديءَ جي گُھر ٿا ڪيون ۽ ملڪ جي عدالتن، عالمي ضمير، انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ٿا ڪريون تہ انساني حقن جي سنگين لتاڙ ۽ لاقانونيت خلاف سخت نوٽيس وٺي ملڪ جي ڳجھن ادارن تي دٻاءُ وجھي کنڀي گم ڪيل سياسي سماجي ڪارڪنن کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو