جاڙڪي شاخ کي 20 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ آبادگار مايوس

ٽنڊو غلام حيدر ( ن س ) يوسي نصير خان چانگ ويجهو ڳوٺ رحيم علي چانگ وٽان جاڙڪي شاخ کي 20 فوٽ گهارو پئجي ويو گهاري پوڻ سبب مقامي آبادگارن عزيزالله چانگ؛ شمن چانگ؛ شاه بيگ چانگ؛ ۽ ٻين آبادگارن جو سوين ايڪڙ پوکيل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويو جنهن سان آبادگارن پاران لکئين روپين جي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته آبپاشي کاتي انتظاميا جي نااهلي سبب عملو وقت سر گهاري واري هنڌ نه پهچي سگهيو جڏهن ته واهن جا ڪمزور ڪپر آبپاشي کاتي جي عدم دلچسپي سبب ٽائيم تي بند نه ڪيا ويا جنهن جي ڪري وڏي نقصان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي گهاري لڳڻ کي مسلسل 4 ڪلاڪ گذري ويا ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ شاخ کي پيل گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انتظاميا پاران شاخ کي پيل گهارو ڪافي دير سان موڪليل مشينري جي مدد سان بند ڪيو ويو آهي ٻي طرف آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واهن شاخن جا ڪپر پهرين کان ئي ڪمزور بڻيل آهن هنن چيو ته وڌيڪ برساتون پوڻ سبب وڌيڪ نقصان پيش اچي سگهي ٿو ان لاء انتظاميا کي گهرجي ته فوري طور تي واهن جي ڪمزور ڪپرن کي مشين ذريعي مضبوط ڪري بند ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو