جاسوسي،2 رٽائرڊ فوجي ۽ هڪ سول آفيسر جي سزاجي توثيق

راولپنڊي (پڌرائي) آرمي چيف ٻن رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ هڪ سويلين آفيسر کي آرمي ايڪٽ موجب فيلد جنرل ڪورٽ مارشل پاران ڏنل سزائن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه غير ملڪي ايجنسين لاءِ جاسوسي ڪرڻ ۽ حساس معلومات فراهم ڪرڻ جي الزام ۾ مليل سزا بحال ڪري ڇڏي. سزا ملندڙن ۾ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل جاويد اقبال کي سخت پورهئي سان گڏ 14 سال قيد،  جڏهن ته رٽائرڊ برگيڊيئر راجا رضوان ۽ ڊاڪٽر وسيم اڪرم کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو