ثمر بلور جو ڪمال، کٽي ويل اميدوار کي مبارڪ ۽ گل پيش

پشاور(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ثمر بلور پاڻ کان چونڊ کٽيندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار مينا خان کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ گهر پهچي وئي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 83 تي مينا خان جي مقابلي ۾ سمربلور بيٺي هئي ۽ هارائي وئي. سياسي رواداري ۽ جمهوري رويو ڏيکاريندي هوءَ پنهنجي پٽ سميت پي ڪي 83 تي ڪامياب اميدوار مينا خان جي گهر پهتي ۽ کيس گل پارايا.

پهنجو تبصرو موڪليو