ثقافتي ڏينهن ملهائڻ تي جسقم تي ڪيس داخل،احتجاج

مورو (مورائي اياز سولنگي) جسقم بشير خان قريشي گروپ پاران نوابشاھ ۾ جسقم اڳواڻن علي رضا خاصخيلي, نور سولنگي سميت ٻين مٿان ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي الزام هيٺ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي امتياز کوسو، امين ڪلهوڙو، جگديش ڪمار، اقبال ڪلهوڙو، راشد ٻاٽ، علي رضا لغاري، تنوير سنڌي، اويس بلوچ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي هنن خطاب ڪندي چيو ته ڪوڙا ڪيس جيل گوليون اسان کي پنهنجي مقصد تان هٽائي نٿا سگهن قانون صرف سنڌين لاءِ ٺاهيو ويو آهي هنن  مطالبو ڪيو  ته اڳواڻن تي  داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو