اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جو سمن معطل ڪندي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار 7 صفحن تي ٻڌل لکت وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عام ماڻهن جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ ۽ آڊيو ليڪ تي اٽارني جنرل کان مدد طلب ڪري ورتي.سپريم ڪورٽ وفاق، گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت ۽ پي ٽي اي کي به درخواست ۾ ڌر بڻجڻ جي هدايت ڪئي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري سميت سمورن ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي تفصيلي جواب ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.عدالت جي لکت واري حڪم ۾ اعتزاز احسن، مخدوم علي خان، ميان رضا رباني ۽ محسن شاهنواز رانجها کي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته خاص ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن پارليامينٽ جي احترام ۽ تحمل کان آجو ناهي رهيو.عدالت پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته درخواستگذار نجم الثقيب کي خصوصي ڪميٽي طلب ڪرڻ جو سمن 25 مئي تائين معطل رهندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت واري حڪم ۾ هيٺيان سوال اٿاريا.ڇا آئين ۽ قانون شهرين جي ڪالن جي نگراني ۽ ڳجهي رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ٿو؟ جيڪڏهن فون رڪارڊنگ جي اجازت آهي ته ڪهڙي اٿارٽي يا ايجنسي ڪهڙي طريقي سان ڪري سگهي ٿي؟ آڊيو رڪارڊنگ کي راز ۾ رکڻ ۽ غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا حفاظتي اپاءَ موجود آهن؟ جيڪڏهن اجازت نه ڏني وڃي ته شهرين جي پرائيويسي جي ڀڃڪڙي جو ذميوار ڪهڙو ادارو آهي؟ غير قانوني طور تي رڪارڊ ڪيل ڪالز جاري ڪرڻ جو ذميوار ڪير هوندو؟ وضاحت ڪريو ته پارليامينٽ ڪنهن پرائيويٽ شخص جي معاملي جي انڪوائري ڪري سگهي ٿي؟ ڇا ضابطا اسپيڪر کي اجازت ڏين ٿا ته خصوصي ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿيڻ تي خصوصي ڪميٽي جوڙي؟ وضاحت ڪريو ته پارليامينٽ ڪنهن پرائيويٽ شخص جي معاملي جي انڪوائري ڪري سگهي ٿي؟ ڇا ضابطا اسپيڪر کي اجازت ڏين ٿا ته خصوصي ڳالهه ٻولهه ليڪ ٿيڻ تي خصوصي ڪميٽي جوڙي؟
