جده (ويب ڊيسڪ)سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته تيل جي پيداوار 13 ملين بيرل نه وڌائي سگهجي ٿي. جده ۾ آمريڪي عرب ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهزادي محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب وٽ تيل جي روزاني پيداوار 13 ملين بيرل کان وڌائڻ جي گنجائش ناهي. هن چيو ته عالمي معيشت جو استحڪام تيل جي قيمتن جي استحڪام سان ڳنڍيل آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وڌيڪ چيو ته ايران خطي جي ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪري. هن اهو پڻ چيو ته عالمي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڌيڪ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.










