تيتري ۽ گجو شاخن کي پڪو ڪرڻ جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال؟

درياخان مري (ارباب مري) تيتري ۽ گجو شاخ کي پڪو ڪرڻ واري هلندڙ ڪروڙين روپين جي ڪم ۾ مبينا طور ناقص مٽيريل جو سرعام استعمال ڪيو پيو وڃي. ٺيڪيدار انجنيئرز  سان ملي ڀڳت ڪري انتهائي ناقص مٽيريل جو استعمال ڪري سرعام  ڪرپشن ڪري بجيٽ هضم ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي  ايس ڊي او، شاخ تي بيٺل لکين روپين جي ماليت جا وڻ وڪرو ڪري ڇڏيا. ٺيڪيدار ۽ ان جا منشي في زميندار کان ھر واٽر ڪورس کي ماپ کان وڌيڪ واٽر پڪو ڪرڻ لاءِ به رشوت طلبي رهيا آهن. آبادگارن سنڌ حڪومت، نيب، ايف آءِ اي کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو  آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو