توهين اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جو معافي نامو رد، شوڪاز جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن اڳوڻي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي اليڪشن ڪميشن توهين ڪيس ۾ معافي نامو رد ڪري ڇڏيو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني ڪميشن فواد چوڌري جي معافي جي لکت واري درخواست تي فيصلو جاري ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير کي شوڪاز نوٽيس جو جواب 15 آگسٽ تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري لکت ۾ معافي نامو جمع ڪرايو، فواد چوڌري مشروط معافي گهري پر افسوس جو اظهار ناهي ڪيو ويو.جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن تي بي بنياد الزام هنيا ۽ توهين آميز ريمارڪس ڏنا، اهو معاملو حساس نوعيت جو آهي، مشروط معافي سان معاوضو نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو