توهان ٻاهر وڃي الزام هڻندا آهيو: چيف جو کوسي سان مڪالمو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل لطيف کوسا هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون اچي ويا. پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي توشا خانا نااهلي خلاف درخواست مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس ساڻس مڪالمو ڪيو ته لطيف کوسا صاحب! توهان ٻاهر وڃي الزام هڻندا آهيو. چيف جسٽس، لطيف کوسا سان مڪالمو ڪيو ته هڪ پاسي توهان عدليا تي اعتبار ناهيو ڪندا ته ٻئي پاسي رليف به گهرندا آهيو، جلد ٻڌڻي جي درخواست داخل ڪري ڇڏيو، قانون موجب جيڪو رليف هوندو ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو