اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين جي اپيل جي ٻڌڻي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته توشه خاني ڪيس جي ميرٽ تي دليل اڃا تائين نه ڏنا ويا آهن، ڪيس جي اڃا تائين ٻڌڻي کي التوا واري ڪيس نه سمجهيو وڃي.حڪم نامي ۾ سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ ٻڌڻي تي ٻي بئنچ آڏو ڪئي وڃي.سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 4 آگسٽ تي ٿيندي.جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 2 آگسٽ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سپريم ڪورٽ چيو ته گرمين جي موڪلن کانپوءِ ايندڙ ٻڌڻي تي بينچ موجود نه ٿي سگهي
