اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته توشه خاني جو ڪيس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي پر وڪيل عدالت مان فرار ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو منفرد ٽرائل آهي، 11 مهينن ۾ رڳو 4 ڀيرا جوابدار پيش ٿيا. جوابدار قلم 342 جو بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ دستخط ڪيا، نشاني جو مطلب آهي ته جوابدار ڏوهه قبول ڪري ورتو آهي.هن چيو ته توشا خاني جا تحفا توهان وڪڻي ڇڏيا. ماڻهو توهان تي اعتبار نه ڪندا.عدالت ۾ نه ملزم ۽ نه ئي وڪيل آهي ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته عدالتن مان رليف ڏنو ته باقي جوابدارن کي به رليف ملندو، زيور نه پر ٻڪرا قرار ڏنا پيا وڃن، هر سال ٻڪريون سامهون اچي رهيون آهن جڏهن ته زيور لڪايا پيا وڃن.عطاءُ تارڙ چيو ته توهان ميرٽ جي ڳالهه نه ڪريو، علي ظفر اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو آهي ته تحفا وڪامجي ويا آهن.هن جو اهو به چوڻ آهي ته هن نيازي جي 25 کان 30 حاضرين جي عذر واري درخواست قبول ڪئي آهي، کيس خبر آهي ته کيس چوري جو جواب ڏيڻو پوندو.
