تهران (ويب ڊيسڪ)حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه تهران پهچي ويو، جتي هن ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي سان ملاقات ڪئي.عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب حماس جي عهديدار اسامه حمدان اسماعيل هنيه جي تهران پهچڻ بابت ٻڌايو پر ايران جي دوري بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايو.نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب اسماعيل هنيا 2019 کان قطر ۽ ترڪي ۾ رهائش پذير آهي. اسرائيلي فوج اڄ به غزه ۾ اسماعيل هنيه جي گهر تي ڊرون حملو ڪيو.
