تلاشي بهاني پوليس جي نجي ملازم جي فيملي سان بدتميزي

اوٻاوڙو (ن سنڌيار) ٽول پلازا ويجھو انٽيڪ ڪيميڪلز پرائيوٽ لميٽڊ جي زونل مئنيجر ۽ باگوڊھو جي رھواسي مور خان ملڪ جي گاڏي مٿان پوليس جي چڙھائي ٻارن ۾ روڄ راڙو ھڪ نينگري خوف وچان بيھوش ٿي وئي. مورخان ملڪ صحافين سان رابطو ڪري مدد ۽ انصاف جي اپيل ڪندي ٻڌايو ته مان پنھنجي ٻارن سان رات رحيم يار خان اسپتال وڃي رھيو ھيس ته ٻن پوليس موبائلن تي سوار پوليس اھلڪارن چيڪنگ جي بھاني مون تي ۽ منھنجي فيملي تي ھلان ڪري ڏني خوف ۽ ھراس پکيڙي ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ موجود منھنجي نياڻي جيڪا دل جي مريض آھي خوف زده ٿي بيھوش ٿي وئي جيڪا رات کان بيھوش آھي ھن چيو ته جيڪڏھن منھنجي نياڻي کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي ذميوار اوٻاوڙو پوليس ھوندي. مور ملڪ جو وڌيڪ چوڻ ھو ته مان پنھنجو تعارف به ڪرايو ته مان پرائيويٽ ڪمپني جو ملازم آھيان مان ڪو ڏوھاري نه آھيان مون سان فيملي آھي مون کي تنگ ڇو ٿا ڪريو تنھن باوجود منھنجي پوليس ھڪ به نه ٻڌي مور خان ملڪ ايس ايس پي گھوٽڪي ڊي ايس پي اٻاوڙو ۔ايس ايڇ او اٻاوڙو کي اپيل ڪندي چيو ته مون سان ٿيل ناجائزي جي انڪوائري ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو